پيئي جو شڪار

پيئي جو شڪار: پيئو، شڪار جو هڪ قسم آهي، جيڪو خاص ڪري سڱرن جي موسم ۾ يعني شديد گرميءَ وارن مهينن: مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٿيندو آهي، جڏهن سخت جهولو لڳندو آهي، ان وقت خاص ڪري ڦاڙها، گڊ ۽ سرهه، نئين ۽ پاڻيءَ جي دُٻن يا ڪُنبن مان هڪ نه ٻئي ڏينهن تي پاڻي پيئڻ ايندا آهن. شڪار جا راکا ۽ وارارا، انهن دُٻن يا ڪُنبن جي تلاش ڪندا آهن، جتي پاڻي پيئڻ لاءِ ڦاڙها، گڊَ ۽ سرهَه هڪ نه ٻئي ڏينهن ايندا آهن. جڏهن راکن کي اها ڳالهه معلوم ٿي ويندي آهت فلاڻي ڏينهن تي ڦاڙهن، گڍن يا سرهن جي پاڻي پيئڻ جو وارو آهي، ته پوءِ اُهي شڪارين کي اها ڄاڻ ڏيندا آهن ته فلاڻي ڏينهن تي گڍ يا سرهه پاڻي پيئڻ ايندا آهن، اُنهن مقرر ڏينهن تي شڪاري، کُڏڻا ۽ پاراڻا ٺاهي ۽ لِڪي ويهندا آهن ۽ پوءِ سندن لاءِ شڪار ڪرڻ آسان ٿي پوندو آهي، جڏهن مٿي ڄاڻايل جانور، پاڻي پي واپس ورندا آهن ته مٿن بندوقتن سان ٺڪاٺوڪي ٿي ويندي آهي، هن قسم جي شڪار کي پيئو چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو